| پاڪستاني اداڪاره فضا علي ٻي شادي ڪري ڇڏي |
ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره فضا علي ٻي شادي ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ فضا چيو آهي ته هن اعجاز خان سان سادي ۽ خانگي تقريب ۾ شادي ڪئي آهي. فضا عيد ڏهاڙي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي تصويرون شيئر ڪيون، جن ۾ سندس مڙس ۽ ڌيءَ پڻ نظر اچي رهيا آهن، انهن تصويرن ۾ سندس نئين زندگي جا خوشگوار لمحا واضح طور تي ظاهر ٿين ٿا. فضا علي ڪاري رنگ جي لباس ۾ نظر اچي رهي آهي، کيس ڀوري رنگ جو ڪڙهائي ٿيل رئو پاتل آهي، جڏهن ته اعجاز خان ڪاري رنگ جي ڪوٽ سان سادي شلوار قميص ۾ ملبوس آهي. پنهنجي پوسٽ ۾ فضا علي جذباتي طور تي لکيو ته 41 سالن جي عمر ۾ الله تعاليٰ کيس اهو پيار ۽ خوشي ڏني، جنهن جو هوءَ ڊگهي عرصي کان انتظار ڪري رهي هئي، هاڻي کيس پنهنجو جيون ساٿي ملي ويو آهي.