| پاڪستاني اداڪار آغا شيراز کي دل جو دورو: اسپتال داخل |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار آغا شيراز کي دل جو دورو پوڻ بعد اسپتال داخل ڪيو ويو ، ڊاڪٽرن موجب آغا جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. مختلف ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو هو ته اداڪار آغا شيراز کي دل جو دورو پيو آهي. دل ۾ سور محسوس ٿيڻ تي کيس فوري طور تي اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن بروقت طبي امداد فراهم ڪئي، ٻئي طرف آغا شيراز اسپتال جي بستري تان انسٽاگرام تي ٻه وڊيوز ۽ مداحن لاءِ پيغام شيئر ڪيو. شيئر ڪيل وڊيو ۾ آغا شيراز پنهنجن مداحن جا ٿورا مڃيا، آغا موجب الله تعاليٰ جي فضل سان آئون بهتر آهيان، مون کي توهان جي دعائن جي ضرورت آهي.