| پاڪستاني باڪسر سمير خان زمين تي ڪريل ڀارتي جهنڊو کڻي ورتو |
لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني باڪسر سمير خان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن زمين تي ڪريل ڀارتي جهنڊي کي احترام سان کڻي ميز تي رکيو. اهو واقعو ڪجهه مهينا اڳ هڪ تقريب دوران پيش آيو هو. پاڪستاني ايٿليٽ دنيا کي ڏيکاريو ته راند جي دشمني پنهنجي جاءِ تي، پر ڪنهن به ملڪ جي جهنڊي جو احترام ضروري آهي. سمير خان جي هن عمل کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته پاڪستاني رانديگر راند کي صرف راند سمجهن ٿا.