| پاڪستاني رانديگر دنيا ۾ اتحاد جا سفير بڻجي اڀرندا: بلاول |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته نيشنل گيمز رڳو رفتار، طاقت يا مهارت جو مقابلو نه پر پاڪستان جو قومي جشن آهن، جتي گلگت کان گوادر، خيبر کان ڪراچي ۽ لاهور کان لاڙڪاڻي تائين جا رانديگر هڪ ئي جهنڊي هيٺ متحد نظر آيا، ڪالهه پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ صوبي کي نيشنل گيمز جي ميزباني تي فخر آهي، سنڌ صوبو تاريخي طور هميشه وفاق، اتحاد ۽ قومي هم آهنگي جي علامت رهيو آهي، هن رانديگرن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اهي تمغا ماڻين يا نه، پر نظم و ضبط ، ثابت قدمي ۽ اتحاد جا سفير بڻجي پنهنجن علائقن ڏانهن واپس وڃن ٿا، هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ هٿياربند فوجن ملڪ جي خودمختياري جو ڀرپور دفاع ڪيو، جيڪا صرف فوجي نه پر قومي ڪاميابي هئي۔ اتحاد جو اهو ئي جذبو تعليم، راندين، قومي ادارن ۽ روزمرهه زندگي ۾ به اڳتي وڌايو وڃي، جيئن هر صوبي جي هر ٻار کي برابر موقعا ملي سگهن، بلاول ڀٽو پنهنجي خطاب جي پڄاڻي “پاڪستان زنده باد” جي نعري سان ڪئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سنڌ جي عوام طرفان چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي تقريب مک مهمان طور شرڪت جي آجيان ڪندي سندس قيادت ۽ خدمتن کي قومي استحڪام، پيشي وراڻي مهارت ۽ يڪجهتي جي علامت قرار ڏنو، بلاول فيلڊ مارشل عاصم منير کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پارائي سووينئر پيش ڪيو، گيمز جو جهنڊو پنجاب اولمپڪ ايسوسيئيشن حوالي ڪيو ويو، ايندڙ سال نيشنل گيمز پنجاب ۾ ٿينديون،