| پاڪستاني شيف راحت علي لاڏاڻو ڪري وئي |
ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر شيف راحت علي لاڏاڻو ڪري وئي. راحت علي پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ پسند ڪئي ويندڙ شخصيتن مان هڪ هئي. هوءَ کاڌو تيار ڪرڻ بابت آسان طريقا ۽ ترڪيبون ٻڌائڻ جي حوالي سان سڃاتي ويندي هئي. سندس هميشه مرڪندڙ چهرو ۽ خوش مزاجي سندس لکن شاگردن ۾ اعتماد پيدا ڪندي هئي، سندس ڌي مائده پڻ معروف شيف آهي. جيڪا آمريڪا ۾ رهي ٿي، مائده کاڌي پچائڻ جي پيشي سان وابسته آهي.