لنڊن (م ڊ) برطانوي بادشاهه چارلس پهريون ڀيرو برٽش پاڪستاني عورت کي پنهنجو خاص صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي
پرڏيهي ميڊيا موجب، بڪنگهم پئلس ۾ برٽش پاڪستاني عورت ڊاڪٽر زرين روحي آمد بهترين قومي ۽ عالمي معاملن جي ماهر آهي، نسلي اقليت سان واسطو رکندڙ عورت کي اشتهار ذريعي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويو آهي
مقامي ميڊيا رپورٽن موجب، ڊاڪٽر روز ۽ برٽش پاڪستاني عورت شاهه چارلس جي پرائيويٽ سيڪريٽري آفيس جو حصو هونديون، اِها آفيس آئيني، حڪومتي ۽ سياسي معاملن لاءِ بادشاهه چارلس سان مشاورتي ڏي وٺ ڪندي آهي
برطانوي ميڊيا جي رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته برٽش پاڪستاني اعليٰ سرڪاري آفيسر جو عهدو بادشاهه جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جي برابر هوندو