| پاڪستاني قيادت جنگ بند ڪرائي، امن ڳالهين جي ميزباني لاءِ تيار آهيون: ترڪ صدر |
انطاليا (م ڊ) ترڪي جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. هاڪان فيدان وزيراعظم شهباز شريف جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ انطاليا ڊپلوميسي فورم ۾ شرڪت ڪرڻ تي سندس شڪريو ادا ڪيو. انطاليا ڊپلوميسي فورم جي موقعي تي فورم ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي اڳواڻن سان وزيراعظم غير رسمي ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، قزاقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيف، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ۽ شام جي صدر احمد الشرح سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم قطري وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني ۽ ڪوسوو جي اڳوڻي صدر ووسا عثماني سان پڻ ملاقاتون ڪيون. ملاقاتون خوشگوار ماحول ۾ ٿيون. ملاقاتن دوران وزيراعظم عالمي اڳواڻن جي ڌيان جو مرڪز رهيو. ملاقاتن دوران عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي پڻ بحث ڪيو ويو. ٻئي طرف آمريڪي صدر جي عرب ۽ آفريڪي معاملن بابت سينئر صلاحڪار مساد بولوس به وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن صدر ٽرمپ جي جرئتمند ۽ فيصلي واري قيادت جي تعريف ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل سال جنگ جي ڪناري تي پهچڻ کان پوءِ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ جنگ بندي ٿي. وزيراعظم لبنان ۾ جنگ بندي جي ڪامياب نتيجي تي صدر ٽرمپ جي قيادت جي پڻ تعريف ڪئي. ٻنهي ڌرين خطي جي موجوده صورتحال تي پڻ ڳالهايو. وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، اقتصادي ۽ واپاري تعاون ۽ گهڻ طرفي سفارتڪاري ۾ باهمي دلچسپي جي معاملن تي زور ڏنو. مساد بولوس صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشون پهچايون ۽ علائقائي استحڪام ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي تعريف ڪئي. ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان فورم ۾ خطاب ۾ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوششن سان خطي ۾ جنگ بند ٿي وئي آهي، هن جنگ بندي کي امن جي موقعي طور ڏسڻ گهرجي. اسان خطي ۾ امن لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. ترڪي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لاءِ ڳالهين جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جنهن ۾ عالمي اڳواڻن جو اجلاس به شامل آهي. رجب طيب اردگان وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ طاقت جو توازن تبديل ٿي رهيو آهي، غزه ۾ نسل ڪشي ظاهر ڪري ٿي ته بين الاقوامي نظام ڪنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي اسرائيل جي توسيع پسند پاليسين جي خلاف بيهڻ گهرجي، اسرائيل جي توسيع پسند پاليسين جي ڪري سڄي دنيا عدم استحڪام جو شڪار آهي.