| پاڪستاني قيادت حيرت ۾ وجهندڙ ڪم ڪيو: جي ڊي وينس |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته پاڪستاني قيادت حيرت ۾ وجهندڙ ڪم ڪيو. آمريڪا رواني ٿيڻ کان اڳ نورخان ايئر بيس تي صحافين سان ڳالهائيندي جي ڊي وينس وزيراعظم شهبازشريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستاني قيادت حيرت ۾ وجهندڙ ڪم ڪيو. ٻئي طرف ايران جي اسپيڪر باقر قاليباف به وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي تعريف ڪندي چيو ته ڳالهين جي عمل کي آسان بڻائڻ تي برادر ملڪ پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، ايراني اسپيڪر پاران پاڪستاني قوم کي سلام پيش،