پاڪستاني مرد اداڪارائن سان شادي کان لنوائيندا آهن: قدسيه علي

پاڪستاني مرد اداڪارائن سان شادي کان لنوائيندا آهن: قدسيه علي

اسلام آباد(ڪلچرل  ڊيسڪ) اداڪاره قدسيه عليءَ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ اداڪارائن سان شادي کي سنجيدگي سان نه ورتو ويندو آهي، اڪثر پاڪستاني مرد ادڪارائن سان شادي ناهن ڪندا. هڪ شو ۾ ڳلهائيندي هن چيو ته آزاد ۽ خودمختيار عورتن کي اڃا تائين معاشرو جنهن نظر سان ڏسي ٿو، اهو نهايت تڪليف ڏيندڙ آهي. سندس چوڻ هو ته شوبز سان واڳيل عورتن بابت ماڻهن جا رويا اڃا تبديل نه ٿيا آهن.هن 2025ع ختم ٿيڻ تي هجڻ  باوجود عورتن خاص طور تي اداڪارائن بابت معاشري جي سوچ اڃا ساڳئي آهي.هن چيو ته تازو هڪ همراهه دوستي کانپوءِ شرط رکيو ته جيڪڏهن هوءَ شادي چاهي ٿي ته اداڪاري ڇڏڻي پوندي، قدسيه عليءَ موجب ماڻهو عورت اسٽارز کي ڏسندا آهن، سندن واکاڻ ڪندا آهن، پر پنهنجن زندگين يا ڪٽنب جو حصو ٺاهڻ  کان لنوائندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته آزاد ۽ خودمختيار عورتن تي اڄ به تنقيد ڪئي وڃي ٿي ۽ کين مختلف رخن کان پرکيو ويندو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته معاشرو اڃا ذهني طور تي تبديل ٿيڻ لاءِ تيار ناهي.