پاڪستاني ويمنز ٽيم جي فتح وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي نانءُ

پاڪستاني ويمنز ٽيم جي فتح وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي نانءُ

ڪراچي: پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي صدر سيد محسن گيلاني فيفا سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستاني وومينز ٽيم جي شاندار ڪاميابي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي نانءُ ڪئي.محسن گيلاني پوري قوم کي مبارڪون ڏنيون، هن چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن اسان جو وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل امن لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اسان جي نياڻين فٽبال ميدان ۾ تاريخ جوڙي ڇڏي آهي، اسان پنهنجي هي ڪاميابي پنهنجي قيادت جي نانءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان به پنهنجي ذميواري نڀائيندي پاڪستان جو نالو فٽبال جي ميدان ۾ر وشن ڪنداسين، پاڪستاني ويمنز فٽبال لاءِ سنهري دور جي شروعات ٿي چڪي آهي، ٽيم جي ترقي لاءِ قدم کنيا ويندا.