| پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي فٽنس بهتر بڻائڻ لاءِ ماهر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو |
لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن جي فٽنس ۽ طبي سهولتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل شعبي ۾ نئين ڀرتين جو اعلان ڪيو آهي.ان حوالي سان اشتهار به جاري ڪيو ويو جنهن تحت سينيئر اسپيشلسٽ فزيوٿراپسٽ، اسپيشلسٽ فزيو ٿراپسٽ، سينئر مئنيجر ڪو آرڊينيشن اينڊ ايڪسرسائيز ميڊيسن ۽ جونيئر اسپورٽس ڊاڪٽرز جي عهدن تي مقرريون ڪيون وينديون.پي سي بي موجب ان ڀرتين جو مقصد رانديگرن کي عالمي معيار جون طبي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ۽ فٽنيس بهتر بڻائڻ آهي.دلچسپي رکندڙ اميدوار کان 24 اپريل تائين درخواستون طلب ڪيون ويون آهن.