واشنگٽن (م ڊ) پاڪستان ۽ آمريڪي فوج جي گڏيل مشق انسپائرڊ گمبٽ سان دفاعي ڀائيواري وڌيڪ مضبوط ٿي وئي، آمريڪا پاڪستان سان گڏيل مشق انسپائرڊ گمبٽ کي دفاعي لاڳاپن ۾ نئون رُخ قرار ڏئي ڇڏيو. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته هلندڙ هفتي آمريڪي ۽ پاڪستاني فوج نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر پبي ۾ مشق انسپائرڊ گمبٽ دوران تربيت مڪمل ڪئي. ان گڏيل مشق ۾ انفنٽري جي مهارتن، جديد حڪمت عملين ۽ دهشتگردي خلاف ڪارروائين تي خاص ڌيان ڏنو ويو، مشق ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ گڏيل اعتماد، هم آهنگي ۽ عملي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.
ڀارت فرانس کان 114 رافيل جنگي جهاز خريد ڪندو
نئين دهلي (م ڊ) پاڪستان هٿان شرمناڪ شڪست جي باوجود هندستان 100 کان وڌيڪ فرانسيسي رافيل جنگي جهاز خريد ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب هندستان 114 فرانسيسي رافيل جنگي جهازن جي خريداري ۽ انهن جي گڏيل پيداوار جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينئر هندستاني عملدارن بلومبرگ کي پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هندستان جي دفاعي خريداري بورڊ فرانسيسي دفاعي ڪمپني ڊاسالٽ ايوي ايشن کان رافيل جهاز خريد ڪرڻ جي تجويز کي منظور ڪري ڇڏيو آهي. هندستاني وزارت دفاع ۽ هوائي فوج فوري طور تي معاملي تي تبصرو ڪرڻ جي درخواستن جو جواب نه ڏنو.