پاڪستان آمريڪا-ايران جنگبندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، بيروزگارن کي نوڪريون ڏينداسين: مراد شاهه

پاڪستان آمريڪا-ايران جنگبندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، بيروزگارن کي نوڪريون ڏينداسين: مراد شاهه

جيڪب آباد (رپورٽ:عبدالغني کوسو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آمريڪا-اسرائيل ۽ ايران جنگ ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار رهيو، شايد حڪمرانن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پرڏيهي پاليسي پڙهي ورتي آهي، پاڪستان جي تجويز تي ٻن هفتن لاءِ آمريڪا-اسرائيل ۽ ايران جنگبندي ٿي آهي، سنڌ ۾ سٺي حڪمراني آهي جنهن لاءِ 2008، 2013، 2018 ۽ 2024 جي چونڊن ۾ ليڊ سان ڪاميابي ملي هر ڀيري اڳ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون آهن، اهڙو اظهار هن اڳوڻي ايم اين اي بابل جکراڻي جي لاڏاڻي تي جيڪب آباد ۾ سندس پٽن ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي، خالد جکراڻي، آزاد جکراڻي ۽ ڀائيٽي ايم پي اي ممتاز جکراڻي سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، وڏي وزير سان سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر شاهه، مڪيش چاولا، ايم اين اي سيد خورشيد شاهه شبير علي بجاراڻي ساڻس موجود هئا، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ايران تي غيرقانوني حملو ٿيو پاڪستاني عوام ايراني حڪومت سان بيٺل رهي، سعودي عرب تي بنا جواز حملو ڪيو ويو، پاڪستان ان جي به مذمت ڪئي پاڪستان جو آمريڪا ايران جنگ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پرڏيهي پاليسي تي ڪتاب لکيل آهي ته پرڏيهي پاليسي ۾ ڪنهن به ڌر جو بلاڪ ٿيڻ نه گهرجي، پوري دنيا آمريڪا هجي اسرائيل يا پاڙيسري ملڪ ايران هجي يا عرب ملڪ هجن سڀني پاڪستان جي تجويز تي لبيڪ ڪندي ٻن هفتن لاءِ جنگبندي جو اعلان ڪيو ويو آهي، الله پاڪ پرڏيهي پاليسي ۽ پاڪستان جي عزت رکي آهي اسان سڀني کي شڪر ڪرڻ گهرجي، اوهان 1969ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پرڏيهي پالسين بابت لکيل ڪتاب پڙهندو ته اڄوڪي پرڏيهي پاليسي نظر ايندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ سٺي حڪمراني آهي جنهن سبب 2008 کان وٺي 2024 تائين پيپلزپارٽي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندي اچي ٿي هر ڀيري عام چونڊن ۾ اڳ کان وڌيڪ ووٽ ۽ سيٽون حاصل ڪيون ويون آهن 2018ع ۾ جيڪب آباد ۾ پيپلزپارٽي هارائي وئي 2024ع ۾ پيپلزپارٽي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي 2018ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوار به پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويو هو، هن صوبي جا ماڻهو سٺي حڪمراني کي مڃين ٿا البته مخالف واويلا ڪن ٿا ته اهو انهن جو ڪم آهي اسان جو ڪم خدمت ڪرڻ، ترقياتي ڪم ڪرڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ زراعت ۾ ڊولپمينٽ آڻڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي پالسين تي سنڌ جي عوام اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن سبب هر ڀيري وڌيڪ سيٽون کڻي ڪاميابي حاصل ڪرڻ اها سٺي حڪمراني جي وجهه کان ٿئي ٿي جيڪي واويلا ڪن ٿا انهن کي روڪي نه ٿا سگهون هن چيو ته پرابلم ۽ تڪليف سڄي دنيا ۾ ٿينديون آهن پيپلزپارٽي هميشه سنڌ ۽ عوام جي حوالي سان پوئتي ناهي ٿي، هڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 2023 ۾ بدقسمتي سان سياسي جماعتون نوڪرين خلاف عدالت ۾ ويون ۽ عدالت نوڪرين تي پابندي لڳائي نوڪريون ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو هو، اسان جنهن لاءِ عدالت ۾ وياسين عدالت فائنل ڪيو ته جنهن ضلعن ۾ نوڪريون ڏيڻ وارو عمل مڪمل ٿيل آهي ته اتي آرڊر ڏنا وڃن پر بدقسمتي سان جيڪب آباد ۾ اهو پراسس مڪمل نه هو نوڪريون موجود آهن جيڪي بيروزگار نوجوانن جلد ڏنيون وينديون.