پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ڊي جي شعيب کوسو تي جعلي ڊگري وٺڻ جا الزام: رڪارڊ طلب

مارچ 13, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ڊائريڪٽر جنرل شعيب کوسو تي ايم بي اي جي جعلي ڊگري وٺڻ جا الزام، رڪارڊ طلب ڪيو ويو

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس بابر ستار امجد فاروق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار کان شعيب کوسو جي ڊگري جو ريڪارڊ طلب ڪري ورتو

عدالت شعيب کوسو جي مقرري خلاف وڌيڪ دستاويز جمع ڪرائڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي، جعلي ڊگري ڪيس ۾ ڊي جي اسپورٽس کي هٽائڻ جي استدعا ڪئي وئي

درخواست گذار امجد فاروق جو چوڻ آهي ته شعيب کوسو جي ايم بي اي واري ڊگري  ۾ درج رول نمبر گيتا شنڪر لوهاڻا جو آهي

ٻڌڻي هلائيندڙ جسٽس بابر ستار چيو ته اسان سنڌ يونيورسٽي کان ريڪارڊ گهرائي ٿا وٺون، جنهن بعد ٻڌڻي 30 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي

 اپريل 2023 ۾ وزيراعظم شهباز شريف شعيب کوسو کي ڊي جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ مقرر ڪيو هو

Leave A Comment