پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ يورپ کان اڳتي نڪري ويو

پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ يورپ کان اڳتي نڪري ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ايٽاريڪسز جي 2026 گلوبل آئوٽ سورسنگ ٽيلنٽ انڊيڪس ۾ پاڪستان 193 ملڪن مان 16هين نمبر تي اچي ويو آهي۔ پاڪستان عالمي سطح تي مٿين 9 سيڪڙو ملڪن ۾ شامل آهي، شزه فاطمه خواجه چيو ته پاڪستان هن وقت 37 هين، ويٽنام 32 هين ڪولمبيا 31 هين، اولهه يورپ جا ملڪ جرمني 84 هين، فرانس 73 هين، اسپين 49 هين نمبر ۽ برطانيه 29 هين نمبر تي اڳتي آهي. هن چيو ته پاڪستان جو ٽيلنٽ اسڪور 80 مان 100 آهي. اِن پيماني تي پاڪستان عالمي سطح تي 8هين نمبر تي آهي، پاڪستان جي درجابندي يورپي يونين جي ملڪن، وچ اوڀر جي ملڪن ۽ انڊيڪس ۾ شامل هر آفريقي ملڪ کان اڳتي آهي، پاڪستان سراسري طور لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو سالياني شرح سان ترقي ڪري رهيو آهي، جيڪو اسان جي ٽيڪنالاجي ايڪو سسٽم جي صلاحيت ۽ مضبوطي جو چٽو ثبوت آهي.