| پاڪستان انڊر 19 ڀارت کي رنسن جي جبل هيٺان دٻائي ڇڏيو، ايشياڪپ کٽي ورتو |
دبئي (اسپورٽس نيوز) انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان روايتي مخالف ڀارت کي 191 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽي ورتو. دبئي ۾ ڀارتي انڊر 19 ٽيم ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 347 رنسن جو جبل بيهاري ڇڏيو. پاڪستان طرفان سمير منهاس جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 113 بالن تي 172 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، هن 17 چوڪا ۽ 9 ڇڪا هنيا، احمد حسين 56، عثمان خان 35، ڪپتان فرحان يوسف 19، اوپنر حمزه ظهور 18، حذيفه احسان 0، محمد شايان 7 ۽ عبدالسبحان 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. محمد صيام 13، شفيق 12 رنسون ٺاهيون ۽ آئوٽ نه ٿيا. ڀارت جي ديپيش ديويندرن 3، هينل پٽيل ۽ کلن پٽيل ٻه ٻه ۽ ڪنسڪ چوهان هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ڀارتي ٽيم 26.2 اوورن ۾ 156 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اوپنر ويڀو سورياونشي 26، ايوش مهاتري 2، آرون جارج 16، ويهان ملهوترا 7، ويدانت ترويدي 9، اڀيگيان ڪندو 13، ڪنشڪ چوهان 9، کلن پٽيل 19، هينل پٽيل 6، ديپيش دويندرن 36 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا. پاڪستان طرفان علي رضا 4، محمد صيام، عبدالسبحان ۽ حذيفه احسن 2-2 وڪيٽون ورتيون. سمير منهاس کي ميچ ۽ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ڀارتي ڪپتان پاڪستاني ڪپتان سان هٿ به ملايو.