پاڪستان- ايران ڇڪتاڻ ختم، لاڳاپا بحال: تڪرار نٿا چاهيون، ملڪي خودمختياري جو تحفظ ڪنداسين، انٽيليجنس آپريشن جاري رهندو: سياسي ۽ عسڪري قيادت
جنوري 20, 2024
اسلام آباد ( بيورو رپورٽ + م ڊ ) پاڪستان پاران ايران سان ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۽ سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جو فيصلو، سلامتي ڪاميٽي ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاسن ۾ چيو ويو ته پاڙيسري ملڪ سان ڇڪتاڻ نٿا چاهيون، ملڪي خودمختياري جو تحفظ ڪيو ويندو، انٽيليجنس آپريشن جاري رهندو، جڏهن ته پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن ۾ به رابطو ٿيو، ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ايراني پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني وئي آهي. تفصيل موجب پاڪ ايران ڇڪتاڻ واري صورتحال تي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ آرمي چيف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي، ايئر فورس ۽ نيول چيف جي شرڪت، نگران پرڏيهي وزير، گهرو ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سوڌو انٽيليجنس ادارن جا اعليٰ عملدار به شريڪ هئا، ذريعن موجب، قومي سلامتي ڪاميٽي اجلاس ۾ پاڪستان ايران ڇڪتاڻ تي غور ڪيو ويو.ذريعن موجب نگران پرڏيهي وزير سفارتي محاذ تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي بريفنگ ڏني، پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايراني هم منصب سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت ڪاميٽي کي آگاهي ڏني، جڏهن ته بچاءَ واري وزارت جي عملدارن به معاملي بابت آگاهه ڪيو. ذريعن موجب اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته پاڪستان ايراني سرزمين تي ڪامياب انٽيليجينس بيسڊ آپريشن ڪيو، پاڪستان ايراني سرزمين تي موجود دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ پاڪستان جي ايران ۾ مقرر سفير به بريفنگ ڏني. ذريعن ٻڌايو ته قومي سلامتي ڪاميٽي جو چوڻ آهي ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان ڪا به ڇڪتاڻ نه ٿو چاهي، قومي سلامتي تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو، ذريعن موجب، ڪاميٽي ملڪي سالميت ۽ خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪرڻ جو عزم ورجايو. قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس بعد وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، نگران وفاقي ڪابينا قومي سلامتي ڪاميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ ايران ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ايران سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب، نگران پرڏيهي وزير ڪابينا اجلاس کي بريفنگ ڏني. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا چيوته اسان نٿا چاهيون ته ايران سان لاڳاپا خراب ٿين، ايران غلط قدم کنيو جنهن جو پاڪستان جواب ڏنو. هوڏانهن قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس جي پڌرائي موجب اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، سياسي ۽سفارتي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، فورم آپريشن مرگ بر سرمچار تي غور ڪيو، بريفنگ ڏني وئي ته آپريشن مرگ بر سرمچار ايران اندر غيرحڪومتي جاين تي ترسيل پاڪستاني بلوچ دهشتگردن خلاف ڪاميابي سان انجام ڏنو ويو، اسان لاءِ پاڪستان جي خودمختياري ۽سالميت سڀ کان مقدس آهي، دهشتگردي کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، اجلاس ۾ سرحدن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، قومي خودمختياري جي ڀڃڪڙي جو جامع جواب ڏيڻ لاءِ ضروري تيارين تي غور ڪيو ويو، قومي سلامتي ڪاميٽي چيو ته مواصلاتي ذريعن کي سيڪيورٽي خدشا ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، علائقائي امن جي وسيع تر مفاف ۾ موجود مواصلاتي ذريعا استعمال ڪرڻ گهرجن، قومي سلامتي ڪاميٽي چيو ته عوام جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي، قومي سلامتي ڪاميٽي چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان ڇڪتاڻ نٿو چاهي، قومي سلامتي تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ان کان اڳ پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ رابطو ٿيو، ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جو ايراني هم منصب حسين امير عبدالهيان سان ٻيهر فون تي رابطو ٿيو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پرڏيهي کاتي چيو آهي ته پرڏيهي وزير سيڪيورٽي معاملن تي ويجهڙائي کان سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو، هُن سمورن معاملن تي ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو، ايران سان ٻطرفي اعتماد ۽ سهڪار جي جذبي تحت ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير کي پاڪستان کي دوري جي دعوت به ڏني وئي آهي.