| پاڪستان بار جي چونڊ: پنجاب ۾ عاصمه جهانگير گروپ ڪامياب |
ڪراچي/لاهور (اسٽاف رپورٽر/ م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل جي 23 سيٽن لاءِ اليڪشن: پنجاب مان عاصمه جهانگير گروپ ڪامياب، ان ڏس ۾ سنڌ صوبي جي 6 سيٽن تي 14 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيو، ڪراچي شهر مان 10 اميدوارن فاروق ايڇ نائڪ، صلاح الدين احمد، منير اي ملڪ، شهاب سرڪي، نديم قريشي، عابد زبيري، راڻا محمد شميم، مظفر لغاري، عبدالجبار قريشي ۽ محمد سليم مڱريو حصو ورتو، سنڌ جي ڪل 33 رجسٽرڊ ووٽرز پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جن مان 16 ووٽرز ڪراچي ۾ رجسٽرڊ ٿيل آهن، ڪالهه ايڊووڪيٽ جنرل آفيس ۾ قائم ڪيل پولنگ اسٽيشن ۾ صبح 9 کان شام 4 وڳي تائين پولنگ جاري رهي،آزاد ذريعن موجب فاروق ايڇ نائڪ، بيئرسٽر صلاح الدين احمد، عبيدالله ملاڻو، سليم مڱريو ۽ عابد زبيري چونڊجي ويا, هوڏانهن پاڪستان بار جي پنجاب جي 11 مان 10 سيٽن جا غير سرڪاري نتيجا جاري ڪيا ويا آهن. وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته عاصمه جهانگير گروپ 11 مان 8 ۽ حامد خان گروپ 2 سيٽون کٽيون آهن. غير سرڪاري نتيجن موجب حامد خان گروپ جا سلمان اڪرم راجا ۽ شفقت چوهاڻ ۽ عاصمه جهانگير گروپ جا اعظم نذير تارڙ، احسن ڀون، پير مسعود چشتي، عامر سعيد راڻا، طاهر نصير الله وڙائچ، حفيظ الرحمان چوڌري، ثاقب اڪرم گوندل ۽ سيد قلب حسن ڪامياب ٿي ويا، ياد رهي ته ووٽن جي ڳڻپ 17 ڊسمبر تي ٿيندي، جڏهن ته حتمي نتيجن جو اعلان 22 ڊسمبر تي ڪيو ويندو.