پاڪستان بار پاران سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 31 مئي تائين چونڊن جي هدايت

پاڪستان بار پاران سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 31 مئي تائين چونڊن جي هدايت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان بار ڪائونسل سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بار چونڊن ۾ دير تي سخت نوٽيس وٺندي سڀئي چونڊون 31 مئي 2026 کان اڳ مڪمل ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي، ڪراچي بار جون چونڊون 7 مئي تي ئي ٿينديون، وڌيڪ دير برداشت نه ڪرڻ ۽ ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جو اعلان ڪيو ويو. پاڪستان بار ڪائونسل جي 249هين اجلاس ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بار چونڊن ۾ دير تي سخت نوٽيس وٺندي اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس پي آءِ سي جي وائس چيئرمين پير محمد مسعود چشتي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ متفقه قرارداد منظور ڪئي وئي. پاڪستان بار ڪائونسل سنڌ ۽ بلوچستان بار ڪائونسلز کي هدايت جاري ڪئي ته سمورن بارز جون چونڊون 31 مئي 2026 کان اڳ مڪمل ڪيون وڃن، جڏهن ته واضح ڪيو ويو ته بار ايسوسيئيشنز جي چونڊن ۾ ڪنهن به بنياد تي وڌيڪ دير برداشت نه ڪئي ويندي. پڌرائي موجب ڪراچي بار ايسوسيئيشن جون چونڊون اڳواٽ مقرر تاريخ 7 مئي 2026 تي ئي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ سڀئي چونڊون شفاف، آزاد ۽ منصفاڻي انداز ۾ ڪرائڻ جي سخت هدايت ڪئي وئي آهي. ايندڙ سال سڀئي بار چونڊون رول 175-G تحت مقرر شيڊول موجب ڪرائڻ لازمي هوندو، چونڊن ۾ ناڪامي جي صورت ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. پڌرائي ۾ واضح ڪيو ويو ته پاڪستان بار ڪائونسل جي هن فيصلي سان اپيلٽ ڪميٽين جي ڪم تي ڪو به اثر نه پوندو.