پاڪستان بزنس فورم وزيراعظم کي مداخلت لاءِ خط لکي ڇڏيو

پاڪستان بزنس فورم وزيراعظم کي مداخلت لاءِ خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان بزنس فورم پاران وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي فوري مداخلت ڪرڻ جو مطالبو ڪندي ڪاروباري اعتماد بحال ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. فورم جي صدر خواجه محبوب الرحمن پاران وزير اعظم ڏانهن اماڻيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سال 2025 ملڪ جي صنعت ۽ تجارت لاءِ هڪ ٻيو ڏکيو سال ثابت ٿيو. ڪاروبار جي خرچ ۾ گهٽتائي ۽ آسانيون اڃان تائين فراهم نه ڪيون ويون آهن. مهانگي بجلي ۽ غير مسابقتي ٽيڪس سسٽم صنعت ۽ زرعي شعبي کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان بزنس فورم جي صدر چيو آهي ته پاڪستان جي فوج معرڪه حق ۾ کٽيو، هاڻي بزنس ڪميونٽي معرڪه معيشت کٽڻ چاهي ٿي. ان جنگ کي کٽڻ لاءِ بزنس ڪميونٽي کي بنيادي وسيلن جي فراهمي حڪومت جو ڪم آهي. معيشت ۾ ڪاميابي لاءِ سڀني کي گڏجي ويهڻ ضروري آهي.