پاڪستان تحريڪ انصاف کي پرامن ٿيڻو پوندو: ناصر شاهه

پاڪستان تحريڪ انصاف کي پرامن ٿيڻو پوندو: ناصر شاهه

سکر (بيورو رپورٽ) صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاھ ڪراچي جي گل پلازہ ۾ پيش ايندڙ باهه واري واقعي بابت چيو آهي ته انتظاميا، بلدياتي نمائندا ۽ پيپلز پارٽي جو ايم پي اي فوري طور تي موقعي تي پھتا هئا، فائر فائٽر عملو فائر برگيڊ گاڏين سان ساڻ پھچي باھ تي ضابطو آڻڻ واري عمل ۾ مصروف رھيو، انھيءَ دوران ھڪ فائر فائٽر فرض نڀائيندي پنھنجي جان پڻ وڃائي ويٺو آهي.  ڪراچي گل پلازه وارو انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، جنھن سان قيمتي انساني جانين جو ضايع ٿيو  ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، جڏهن ته واپاري برادري کي  وڏي مالي نقصان کي منھن پڻ ڏيڻو پيو آهي. هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ  گل پلازا ۾ باهه واري واقعي جا اصل سبب معلوم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي انڪوائري بابت هدايتون جاري ڪيون آهن. روهڙي بس ٽرمينل تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته سکر ۾ سنڌو درياھ مٿان ٽرانسپورٽ جي آمد و رفت لاءِ ھڪ نئين پل جي اڏاوت ٿئي، ڇا ڪاڻ ته موجوده سکر بئراج پل ۽ لينسڊائون پل ٻئي قديمي ۽ تاريخي اثاثا آهن، تنھنڪري چاھيون ٿا ته انھن پلن مٿان ٽرانسپورٽيشن محدود ٿئي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته پي ٽي آءِ کي ڦيٿا روڪ ھڙتال جو سڏ ڏيندي پنھنجي ماڻھن کي تڪليف ۾ نه وجھڻ گھرجي، اھڙي سڏ سان فساد ۽ اُنهن جو پنھنجو ئي نقصان ٿيڻو آھي، ان ڪري ئي ته چوان ٿو پي ٽي آءِ کي پاڪستان تحريڪ انصاف پرامن ٿيڻو پوندو ۽ ايندڙ چونڊن تائين صبر جو مظاهرو پڻ ڪرڻو پوندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي پوليس طرفان قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي سھڪار سان گھوٽڪي ۽ ٻين ضلعن ۾ ڏوھارين خلاف ٽارگيٽڊ ڪارروائيون جاري آهن.اِن کان اڳ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاھ نيو بس ٽرمينل روھڙي جو باقاعدہ افتتاح ڪري ڇڏيو.