پاڪستان تي قرض 81 هزار ارب، هر شخص سوا 3 لک جو قرضي

پاڪستان تي قرض 81 هزار ارب، هر شخص سوا 3 لک جو قرضي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اقتصادي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ منقعد ٿيو. اجلاس ۾ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آئي ايم ايف) سميت بيروني ۽ مقامي قرضن جو معاملو غور هيٺ آيو. اقتصادي امور ڊويزن عملدارن بريفنگ ڏيندي ڪميٽي کي  ٻڌايو ته پاڪستان تي مجموعي قرض 81 هزار ارب رپيا آهي. جنهن مان 26 هزار ارب بيروني ۽ 55 هزار ارب رپيا مقامي قرض شامل آهي. بريفنگ مطابق 25 ڪروڙ آبادي جي حساب سان في فرد 3 لک 25 هزار رپيا کان وڌيڪ جو قرضي آهي.