| پاڪستان جا ڪويت، ترڪي، مصر، چين سان رابطا: جنگ جي خاتمي لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف ۽ ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحمد الصباح وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن دوران علائقائي صورتحال ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم شهباز شريف ڪويت تي ٿيندڙ حملن جي سخت مذمت جو اظهار ڪندي ڏکئي وقت ۾ ڪويت سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو، قيمتي جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن بابت پڻ آگاهي ڏيندي چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو. ان موقعي تي ڪويت جي ولي عهد وزيراعظم جي قيادت کي ساراهيو ۽ ثالثي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. ڪويتي ولي عهد موجوده بحران دوران پاڪستان جي حمايت تي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو ۽ مستقبل ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خواهش پڻ ظاهر ڪئي. هوڏانهن نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چين جي پرڏيهي وزير سان رابطو ٿيو، ڇڪتاڻ ڳالهين ۽ سفارتڪاري سان حل ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اسحاق ڊار چيو آهي ته ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت تي اتفاق ڪيو ويو، چين پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ۽ حمايت کان آگاهه ڪيو، هوڏانهن ڊار جو ترڪي جي پرڏيهي وزير سان به رابطو ٿيو، خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون، گڏيل ڪوششن جي حمايت ڪئي وئي، جڏهن ته مصر سان پڻ رابطو ڪيو ويو.