| پاڪستان جا 7 ملڪن سان 45 ملين ڊالرن جا معاهدا |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ٽن ڏينهن واري فوڊ ايشيا انٽرنيشنل نمائش پڄاڻي تي پهتي، جنهن ۾ خوراڪ، زراعت ۽ هاسپيٽيلٽي شعبي سميت مختلف نمائشي اسٽال لڳايا ويا، نمائش دوران ايران، چين، ترڪي، انڊونيشيا، ملائيشيا، گڏيل عرب امارات ۽ ويٽنام جي ڪمپنين سان 45 ملين آمريڪي ڊالر جا واپاري معاهدا ٿيا،نمائش ۾ 28 هزار کان وڌيڪ شهرين ۽ واپارين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير مخدوم محبوب زمان چيو ته فوڊ ايشيا خوراڪ جي تحفظ، ويليو ايڊيشن ۽ برآمدات جي واڌاري لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي.