پاڪستان جهڙا ملڪ ڳالهين جو بنياد رکڻ چاهين ٿا: ايراني سفير

پاڪستان جهڙا ملڪ ڳالهين جو بنياد رکڻ چاهين ٿا: ايراني سفير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا امير مقدم چيو آهي ته پاڪستان جهڙا دوست ملڪ تهران ۽ واشنگٽن ۾ ڳالهين جو بُنياد رکڻ گهرن ٿا، اُميد ته دوست ملڪن جون ڪوششون ڪامياب ٿينديون، ايراني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستاني هم منصب ۽ ٻين ملڪن جي سفارتڪارن سان رابطن ۾ آهي، مختلف ملڪ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري رهيا آهن، ايران مختلف ملڪن جي نياپن جو جواب ڏئي رهيو آهي.