پاڪستان جون سفارتي ڪوششون: وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سان ايراني وفد جي ملاقات: آمريڪا جا سڀ مطالبا قبول ناهن: عراقچي آگاهه ڪري ڇڏيو

اسلام آباد/تهران/لنڊن(بيورو رپورٽ+مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان جون سفارتي ڪوششون جاري آهن، اسلام آباد پهتل ايراني وفد وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سان ملاقاتن ۾ ايران جي اصولي موقف کان آگاهه ڪري ڇڏيو، ايران جو چوڻ آهي ته آمريڪا جا حد کان وڌيڪ مطالب قبول نه ڪنداسين. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران خطي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير به شريڪ هئا، اُن کان اڳ ايراني پرڏيهي وزير فيلڊ مارشل عاصم منير سان به ملاقات ڪئي، محسن نقوي، قومي سلامتي جو صلاحڪار جنرل عاصم ملڪ، ايراني پرڏيهي ترجمان اسماعيل بقائي ۽ پاڪستان ۾ ايراني سفير شريڪ هئا، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ملاقاتن بابت چيو آهي ته اسان جنگ جي حوالي سان تازي اڳڀرائي ۽ جنگ جي مڪمل خاتمي بابت اصولي موقف پيش ڪيو، فيلڊ مارشل جو چوڻ هو ته پاڪستان ٽياڪڙي جون ڪوششون جاري رکڻ لاءِ تيار آهي،  ملاقاتن  ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ علائقي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻئي طرف  ايراني سفارتي ذريعن چيو آهي ته ايران آمريڪا جا حد کان وڌيڪ مطالبا قبول نه ڪندو. برطانوي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ۾ ايران جي مطالبن ۽ آمريڪي موقف تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو. خبرون ڏيندڙ اداري موجب، ٽيليگرام تي جاري ڪيل بيان ۾ ايراني پرڏيهي وزير چيو ته هن جنگ بندي ۽ ايران تي مڙهيل جنگ جي مڪمل خاتمي بابت پنهنجي اصولي موقف جي وضاحت ڪئي آهي. آمريڪي موقف تي ايران جي خدشن بابت پڇيل هڪ سوال تي اسلام آباد ۾ موجود هڪ ايراني سفارتي ذريعي  ٻڌايو ته:اصولي طور تي ايران حد کان وڌيڪ (ناجائز) مطالبا قبول نه ڪندو.” ان کان اڳ ايراني اختيارين واضح ڪيو هو ته هو آمريڪي نمائندن سان سڌي ريت ملاقات نه ڪندا، پر پنهنجي ڳالهه پاڪستان جي ذريعي پهچائيندا. هوڏانهن ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي دوري کي ”انتها ئي فائديمند“ قرار ڏنو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ هن لکيو ته  امن جي بحالي لاءِ پاڪستان جي ڀائرن واري ڪوششن کي اسان وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.“ ايراني پرڏيهي وزير وڌيڪ لکيو ته:”اسان ايران تي مڙهيل جنگ جي مستقل خاتمي لاءِ هڪ عملي فريم ورڪ بابت ايران جو موقف شيئر ڪيو آهي. تنهن هوندي به، اڃا اهو ڏسڻ باقي آهي ته ڇا آمريڪا واقعي سفارتڪاريءَ بابت سنجيده آهي يا نه.“
 

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر مسعود پز شڪيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان  50 منٽن تائين ڳالهيون ڪيون، ان مواقعي تي جنگبندي ۽ خطي ۾ مستقل امن لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزير اعظم چيو ته  پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکندو. جڏهن ته ايراني صدر پاڪستان جي مستقل امن لاءِ جاري سفارتي ڪوششن جي ساراهه ڪئي.