| پاڪستان جو افغانستان جي تيل ذخيرن تي حملو: افغان طالبان جا عهديدار ڪابل مان ڀڄي ويا |
اسلام آباد/ڪابل (بيورو رپورٽ + م ڊ) آپريشن غضب للحق جاري، قنڌار ايئر فيلڊ آئل ڊمپ سائيٽ تي پاڪ فوج جي اثرائتي حملن جي وڊيو جاري ڪئي وئي. سيڪيورٽي ذريعن مطابق آپريشن غضب للحق تحت ڪارروايون جاري آهن، 12 ۽ 13 مارچ جي وچ واري رات قنڌار ايئر فيلڊ جي آئل اسٽوريج سائيٽن تي ڪيل حملي جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ حملي کان اڳ ۽ پوءِ جا منظر واضح طور ڏسي سگهجن ٿا. ذريعن مطابق پاڪ فوج قنڌار ايئر فيلڊ تي موجود آئل اسٽوريج سائيٽن کي مؤثر انداز ۾ نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو. اهي آئل اسٽوريج سائيٽون افغان طالبان ۽ دهشتگرد تنظيمون پنهنجي ڪاررواين لاءِ استعمال ڪري رهيون هيون. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج طاقتور ۽ مؤثر ڪاررواين ذريعي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج سان لاڳاپيل دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ فوجي تنصيبات کي نشانو بڻائي رهي آهي. آپريشن غضب للحق تحت ڪارروايون هدف حاصل ٿيڻ تائين جاري رهنديون. هوڏانهن وزارت اطلاعات افغان طالبان رجيم جي دعوائن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته افغان طالبان جي نام نهاد وزارت دفاع پاران پاڪستاني چوڪين تي قبضي ۽ نقصانن بابت ڪيل دعوائن ۾ ڪابه صداقت ناهي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اهي دعوائون افغان عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ڪوڙيون ڪهاڻيون ٺاهيون ويون آهن، افغان عوام اڳ ئي دهشتگردن جي پٺڀرائي سبب تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي.افغان طالبان ۽ انهن جي پراڪسي تنظيم فتنه الخوارج کي پهتل نقصانن بابت معلومات وقت سر ۽ باقاعدگي سان پيش ڪئي پئي وڃي. ضرورت پوڻ تي ميڊيا کي تصويرون ۽ وڊيو به فراهم ڪيون وڃن ٿيون ۽ افغان طالبان رجيم وانگر ڪوڙي پروپيگنڊا جو سهارو نه ورتو پيو وڃي. وزارت مطابق افغانستان اندر دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ بابت تصدق ٿيل ڄاڻ به ميڊيا سان وقت سر شيئر ڪئي پئي وڃي. افغان طالبان رجيم جون بار بار ڪيل دعوائون حقيقت جي ابتڙ ۽ صرف سوشل ميڊيا تي موجود بي بنياد پروپيگنڊا آهي جنهن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي. ٻئي طرف پاڪستان جي جوابي حملن جي خوف کان افغان طالبان عهديدار 4 هيلي ڪاپٽرن ذريعي ڪابل کان ڀڄي ويا، افغان ميڊيا موجب افغان طالبان جا عهديدار ڪالهه صبح جي وقت هيليڪاپٽرن ذريعي افغانستان جي غور صوبي ۾ پهتا، افغان ميڊيا هيليڪاپٽر جي تصوير به جاري ڪئي آهي، ان کان اڳ افغان طالبان جا ڪيترائي عهديدار هيليڪاپٽرن ذريعي باميان ۽ دايڪندي طرف فرار ٿي ويا هئا.