| پاڪستان جو بحري ٽينڪر تيل کڻي ڪراچي پهچي ويو |
ڪراچي(م ڊ) هرمز کاڙي مان گذرندڙ پاڪستاني جهاز ڪچو تيل کڻي ڪراچي پورٽ پهچي ويو. ڪي پي ٽي ذريعن موجب شالامار جهاز ڪچي تيل سان ڪراچي پورٽ پهتو، ان جهاز يو اي اي مان ڪچو تيل آندو آهي. هڪ ڏينهن اڳ آمريڪي رسالي بلومبرگ دعويٰ ڪئي هئي ته آمريڪي ناڪابندي کانپوءِ ڪچي مال سان هرمز کاڙي مان نڪرندڙ اهو پهريون جهاز آهي.