پاڪستان جو قرض نه پيا روڪيون، حڪومت پيٽرول تي سبسڊي نه ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي: آءِ ايم ايف
مَي 11, 2023
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان جو قرض نه پيا روڪيون، حڪومت پيٽرول تي سبسڊي نه ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. تفصيل موجب عالمي مالياتي فنڊ جي ترجمان چيو آهي ته آءِ ايم ايف جون پاڪستان سان ڳالهيون هلندڙ آهن، پاڪستان طرفان اهڙو ڪو اشارو نه مليو آهي ته قرض پروگرام روڪيو وڃي. آءِ ايم ايف ترجمان جو چوڻ هو ته ڳالهين جو مقصد 2019ع جي نائين جائزي کي مڪمل ڪرڻ آهي هن چيو ته حڪومت پئٽرول تي سبسڊي نه ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، پروگرام تحت 2ڏهائي 6ارب ڊالر جو قرض رهيل آهي.