پاڪستان جو وڏو دشمن ۽ عالمي دهشتگرد ثناءُالله غفاري مارجي ويو

جُون 9, 2023

ڪابل (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عالمي دهشتگرد ۽ پاڪستان جو وڏو دشمن دهشتگرد ثناءُالله غفاري عرف شهاب المهاجر افغانستان جي شهر ڪنڙ ۾ مارجي ويو

رڳو پاڪستان نه پر ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ اولهه ايشيا ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث هو ۽ عالمي سطح تي انتهائي دهشتگرد گهربل هو، گڏيل قومن جي ٻن قراردادن ۾ هن جو حوالو موجود آهي

دهشتگرد ثناءُالله جي مارجڻ کي عالمي طور دهشتگردي خلاف تمام وڏي ڪاميابي قرار ڏني پئي وڃي،2021ع ڊسمبر ۾ گڏيل قومن، آمريڪا، يورپي يونين کيس عالمي دهشتگرد قرار ڏنو هو، آمريڪا هڪ ڪروڙ ڊالر سر جي قيمت مقرر ڪئي وئي هئي

ثناءُالله غفاري عرف شهاب المهاجر ۽ سندس خاندان ڀارت مان هجرت ڪري افغانستان آيو هو، تعلق افغانستان جي شهر ڪابل سان هو ، هن غفاري مدرسي ڪابل مان مذهبي تعليم حاصل ڪئي هئي

هُو داعش جي خراسان گروپ جي سموري رٿابندي ، رهنمائي، ڀرتيون، فنڊ جمع ڪرڻ ۽ هدف طئي ڪرڻ جو انچارج هو

داعش جي عالمي تنظيم ۾ شامل هو، خطي ۾ داعش جي سموري سرگرمين جو امير هو ، 2020ع کان اسلامڪ اسٽيٽ خراسان صوبي جو سربراهه هو

پاڪستاني سفارتخاني تي ڪابل ۾ جيڪو حملو ٿيو ان جو به ماسٽر مائينڊ دهشتگرد ثناءُالله غفاري هو، هزاره ڪميونٽي سوڌو امام بارگاهن تي حملو ۾ ملوث هو

Leave A Comment