| پاڪستان جو پهچايل نقصان لڪايو: افغان طالبان ميڊيا تي پابندي لڳائي ڇڏي |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي هٿان بدترين شڪست بعد افغان طالبان حڪومت ميڊيا کان سچ لڪائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. افغان طالبان حڪومت آپريشن غضب للحق ۾ پاڪستان جي هٿان ذلت آميز کي لڪائڻ لاءِ ميڊيا تي دٻاءُ ۽ پابنديون وڌائي ڇڏيون آهن. افغان ميڊيا آمو ٽي وي مطابق افغان طالبان خلاف پاڪستان جي هوائي حملي کان پوءِ طالبان مقامي ميڊيا تي دٻاءُ ۽ سينسرشپ کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي افغان طالبان صحافين کي خبردار ڪيو آهي ته اهي حملن جي رپورٽ نه ڪن، خاص طور تي انهن جي فوجي اڏن تي ٿيل حملن بابت ڪا رپورٽ نه ڏني وڃي. افغان ميِڊيا جو چوڻ آهي ته افغان طالبان ميڊيا کي پاڪستاني هوائي حملي جي جڳهن يا تعداد جي رپورٽنگ کان به روڪي ڇڏيو آهي افغان ميڊيا کي خبردار ڪيو ويو آهي ته طالبان جي فوجي تنصيبات تي حملن سان لاڳاپيل ڪا به خبر شايع يا نشر نه ڪئي وڃي. ماهرن مطابق پاڪستان جي جوابي ڪارروائي ۾ تباهه ٿيل پناهگاهن تي رپورٽنگ تي پابندي افغان طالبان حڪومت جي منافقت ۽ ناڪامي کي بي نقاب ڪري ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ميڊيا پابندي طالبان حڪومت جي افغانستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن جي مڪمل سرپرستي کي اجاگر ڪري ٿي.