پاڪستان جي آمريڪي سچويشن روم تائين پهچ، ٽرمپ جو هلندڙ اجلاس مان فيلڊ مارشل ۽ ايران سان رابطو

پاڪستان جي آمريڪي سچويشن روم تائين پهچ، ٽرمپ جو هلندڙ اجلاس مان فيلڊ مارشل ۽ ايران سان رابطو

واشنگٽن (م ڊ) واشنگٽن ۾ ايران جي صورتحال تي وائٽ هائوس جي سچويشن روم ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن جي صدارت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪئي. آمريڪي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ايرانين سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اجلاس ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، دفاع وارو وزيرو پيٽ هيگسٿ، ناڻي وارو وزير اسڪاٽ بيسنت ۽ وائٽ هائوس جي چيف آف اسٽاف سوزي وائلز شريڪ ٿيا. انهي کان علاوه آمريڪي صدر جو خاص نمائندو اسٽيووٽڪوف، سي آءِ اي جو ڊائريڪٽر جان ريتڪاف ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو چيئرمين جنرل ڊين ڪين به اجلاس ۾ موجود هئا. آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اجلاس جي دوران صدر ٽرمپ پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ايراني اختيارين سان فون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ موجوده صورتحال ۽ امڪاني اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ هرمز کاڙي جي تازي صورتحال ۽ ايران سان جاري ڳالهين جي مستقبل تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.