| پاڪستان جي آڇ قبول: آمريڪا-ايران ۾ ڳالهين جو ٻيو دور ٻن ڏينهن اندر اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان: ٽرمپ به اشارو ڏئي ڇڏيو |
اسلام آباد/تهران/واشنگٽن(بيورو رپورٽ + م ڊ) پاڪستان پاران جنگبندي مُدو پورو ٿيڻ کان اڳ آمريڪا ۽ ايران کي ڳالهين جي ٻئين دور جي آڇ، ايران کانپوءِ آمريڪا به پاڪستان ۾ ڳالهين جو اشارو ڏئي ڇڏيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ايران سان ڳالهين جو ٻيو دور ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، آمريڪي اخبار موجب ڊونلڊ ٽرمپ رپورٽرز سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان اتي ئي رهو، ڇو ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، اسان جو پاڪستان وڃڻ ڏانهن گهڻو لاڙو آهي، اسان ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ ڇو وڃون جنهن جو ڳالهين سان تعلق ئي ناهي، ڳالهين لاءِ پاڪستان جي چونڊ ممڪن آهي، ڇاڪاڻ جو فيلڊ مارشل بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، هو لاجواب ماڻهو آهي، ٽرمپ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ساراهه ڪندي چيو ته اُن جي ڪارڪردگي سبب آمريڪا ڳالهين لاءِ ٻيهر پاڪستان وڃڻ تي غور ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ پاڪستان پاران جنگبندي مُدو پورو ٿيڻ کان اڳ آمريڪا ۽ ايران کي ڳالهين جي ٻئين دور جي آڇ ڪئي وئي، خبر ايجنسي موجب آمريڪا ۽ ايران جا وفد هلندڙ هفتي امن ڳالهين لاءِ ٻيهر اسلام آباد اچي سگهن ٿا، ڳالهين جو ٻيون دور خميس ڏينهن ٿي سگهي ٿو، آمريڪي عهديدار توقع ظاهر ڪئي ته ڳالهيون خميس تي ٿي سگهن ٿيون، ڌُريون معاهدي لاءِ ٻيهر گڏجي ويهڻ تي غور ڪري رهيون آهن، پاڪستان ۾ ايراني اختيارين چيو ته ڳالهين جو ٻيون دور ٿيو ته سندن ترجيح پاڪستان آهي، ايران ڳالهين لاءِ تيار آهي، ٻي ڌُر جي خبر ناهي، ايراني نيوز ايجنسي اِرنا پاران به تهران ۽ اسلام آباد ۾ نياپن جي ڏي وٺ جي تصديق ڪئي، خبر ايجنسي موجب اڃا ڳالهين جي ٻئين دور جي باري ۾ ڪا حتمي ڳالهه طئه نه ٿي آهي، هڪ آمريڪي عهديدار چيو آهي ته معاهدي تائين پهچڻ لاءِ اڳڀرائي جاري آهي، اسلام آباد ۾ ڳالهين کانپوءِ ڌُرين ۾ رابطا جاري آهن. ايراني صدر تڪرارن جي حل لاءِ سفارتڪاري کي اوليت قرار ڏئي ڇڏيو، مسعود پزشڪيان خبردار ڪيو آهي ته ڌمڪيون، دٻاءُ ۽ فوجي ڪارروائيون خطي ۾ آمريڪا لاءِ مسئلا وڌائينديون، فرانسيسي صدر سان ڳالهه ٻولهه ۾ ايراني صدر چيو ته اسلام آباد ڳالهيون حتمي نتيجي تي نه پهچي سگهيون، آمريڪا نيڪ نيتي جو مظاهرو نه ڪندي وڌ کان وڌ مطالبن تي زور رکيو، يورپي ملڪ آمريڪا کي عالمي قانون جي پاسداري تي راضي ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.