پاڪستان جي ترقي جي رفتار هن سال به نه وڌندي: آءِ ايم ايف

جنوري 30, 2024

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان جي معاشي ترقي جي رفتار سست رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي

ان ڏس ۾ميڊيا رپورٽڻ موجب آءِ ايم ايف جي ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ اپڊيٽ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙمالي سال دوران پاڪستان جي معاشي ترقي جي رفتار سست رهڻ جو امڪان آهي، هن سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي رفتار 2 سيڪڙو رهندي

 آءِ ايم ايف موجب گذريل سال آڪٽُوبر  2.5 سيڪڙو رفتار جي اميد ڏيکاري هئي، حڪومت هلندڙ سال ترقي جي اوثر جو هدف 3.5 سيڪڙو رکيو هو پر اهو حاصل نه ٿي سگھندو

 آءِ ايم ايف موجب هلندڙ سال پاڪستانجي معاشي ترقي جي رفتار سست رهندي پر ان جي ابتڙ ايندڙ سال دوران پاڪستان جي معاشي شرح وڌي 3.5 سيڪڙو ٿي ويندي

Leave A Comment