پاڪستان جي ثناءَ بهادر آسٽريلين اسڪواش ٽورنامينٽ کٽي ورتي

پاڪستان جي ثناءَ بهادر آسٽريلين اسڪواش ٽورنامينٽ کٽي ورتي

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) ثناء بهادر آسٽريليا جي ريچل گرينھ کي 1-3 تان شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي. پاڪستان جي اسڪواش رانديگر ثناء بهادر آسٽريليا ۾ ٿيندڙ اسڪواش ٽورنامينٽ کٽي ورتي. 13 کان 16 آگسٽ تائين بينڊيگو اسڪواش سينٽر، ميلبورن ۾ کيڏيل ايونٽ جي فائنل ۾ ثناء بهادر آسٽريليا جي ريچل گرينھ کي 1-3 تان شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي، جڏهن ته ايونٽ جي ڪل انعامي رقم 3 هزار ڊالر هئي. پاڪستان اسڪواش فيڊريشن ثناء بهادر کي شاندار ڪاميابيءَ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اها عالمي سطح تي پاڪستان اسڪواش لاءِ هڪ فخر جو لمحو آهي.