| پاڪستان جي درخواست تي آمريڪا جنگبندي وڌائي ڇڏي، جمعي تي ڳالهين جي اميد، ناڪابندي ختم ٿئي ته ڳالهين لاءِ اينداسين: ايران |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جنگ بندي ۾ واڌ جو اعلان ڪندي جمعي تائين معاهدو ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي ۽ ايران جي سامونڊ ناڪابندي جاري رهڻ جو اعلان ڪيو آهي. نائب صدتر جي ڊي وينس جو پاڪستان جو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي پاڪستان جنگبندي ۾ واڌ جي آجيان ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ته پاڪستان جي فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي درخواست تي في الحال ايران تي حملا ملتوي ڪري رهيو آهيان. آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته ايراني حڪومت اندروني طور ڏڦيڙ جو شڪار آهي. پاڪستان جي فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم طرفان اسان کي چيو ويو آهي ته ايران تي حملو ان وقت تائين ملتوي ڪيو وڃي، جيستائين اتان جي قيادت ۽ نمائندا ڪنهن گڏيل تجويز تي متفق نٿا ٿي وڃن. سندس چوڻ هو ته مون آمريڪي فوج کي حملا نه ڪرڻ جي هدايت سان گڏ ايران خلاف بحري ناڪابندي جاري رکڻ ۽ هر ممڪن صورتحال لاءِ تيار رهڻ جا به حڪم ڏنا آهن. هن جنگبندي ۾ واڌ جو اعلان ڪندي چيو ته اها ان وقت تائين برقرار رهندي، جيستائين ايران طرفان باضابطا طور تجويز پيش نٿي ڪئي وڃي ۽ ڳالهيون ڪنهن نتيجي تائين نه ٿيون پهچن. ٻئي طرف نيويارڪ پوسٽ مطابق آمريڪي صدر چيو آهي ته ايندڙ 36 کان 72 ڪلاڪن اندر اسلام آباد ۾ ڳالهين جو امڪان موجود آهي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور ايندڙ جمعي تي پاڪستان ۾ شروع ٿي سگهي ٿو. نيويارڪ پوسٽ جي صحافي ڪيٽلن ڊورنبوس چيو ته کيس ٽرمپ ۽ پاڪستاني ذريعن ٻڌايو هو ته ڳالهيون جمعي تي به ممڪن آهن. اسلام آباد جو ريڊ زون علائقو اڃا تائين سيل آهي ۽ اتي سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن. علائقي ۾ سرڪاري آفيسون بند آهن. رپورٽون آهن ته سيرينا هوٽل، جيڪو لائيو ڳالهين جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اڃا تائين عام ماڻهن لاءِ بند آهي. صرف مقرر ڪيل عملي کي هوٽل تائين رسائي آهي. جڏهن ته وائيٽ هائوس تصديق ڪئي آهي ته آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جو امن ڳالهين لاءِ پاڪستان جو طئي ٿيل دورو منسوخ ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي دوري ۽ امن ڳالهين بابت تفصيل وائيٽ هائوس پاڻ جاري ڪندو. پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جنگبندي ۾ واڌ جي حوالي سان اهم بيان جاري ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ جي جنگبندي ۾ واڌ جي درخواست قبول ڪرڻ تي ٿورو مڃيو ۽ چيو ته جنگبندي ۾ واڌ هڪ مثبت ۽ اهم قدم آهي جيڪو جاري سفارتي ڪوششن کي اڳيان وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن ٻڌايو ته اهو قدم خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ ڳالهين جي عمل کي مضبوط بنائڻ لاءِ نهايت ضروري آهي. جنگبندي ۾ واڌ ۽ ايران تي حملا ملتوي ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير طرفان به صدر ٽرمپ جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان تڪرار کي پرامن ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون سنجيده ڪوششون جاري رکندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون جنگبندي جو مڪمل احترام ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين جي ٻئي دور ۾ هڪ جامع امن معاهدي تائين پهچڻ جي اميد آهي جيڪا خطي ۾ پائيدار امن جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.
تهران (م ڊ) ايران پاڪستان ۾ آمريڪا سان ڳالهين لاءِ آمريڪا پاران ڪيل سامونڊي ناڪابندي ختم ڪرڻ جو شرط رکي ڇڏيو حڪومتي صلاحڪار جنگبندي ۾ واڌ کي بيوقوفي قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ايران پنهنجي سلامتي لاءِ سمورا قدم کڻندو. ايران جي گڏيل قومن جي سفير امير سعيد جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ناڪابندي ختم ڪري ته تهران ڳالهين لاءِ تيار آهي. اسان کي ڪجهه اشارا ملي رهيا آهن ته آمريڪا ناڪابندي ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جيئن ئي اهي بحري ناڪابندي ختم ڪندا، ڳالهين جو ايندڙ دور ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان فوجي جارحيت شروع نه ڪئي، پر انهن اسان جي خلاف جنگ شروع ڪئي ۽ اسين تيار آهيون. ايراني سفير اهو به چيو ته جيڪڏهن اهي (آمريڪا) ميز تي ويهڻ ۽ ڳالهين ڪرڻ لاءِ تيار آهن ته جيئن سياسي حل ڳولي سگهجي اهي اسان کي به تيار ڏسندا ۽ جيڪڏهن اهي جنگ چاهين ٿا ته ايران ان لاءِ به تيار آهي. هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايران پاڪستان جي جنگ بندي جي درخواست کان پوءِ سياسي محاذ تي پيش رفت جي ويجهڙائي سان نگراني ڪري رهيو آهي. ايران پنهنجي قومي مفادن ۽ سلامتي جي حفاظت لاءِ ضروري ۽ مناسب قدم کڻندو. واشنگٽن سان وڌيڪ ڳالهين جي امڪان تي ڳالهائيندي اسماعيل بقائي چيو ته سفارتڪاري قومي مفادن ۽ سلامتي جي حفاظت جو هڪ ذريعو آهي ۽ جيڪڏهن ضروري هجي ته مناسب حالتن ۾ ان کي استعمال ڪنداسين. سينئر ايراني صلاحڪار مهدي محمدي چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جنگ بندي وڌائڻ جي ڳالهه بيوقوفي ۽ يقيني طور تي حملي لاءِ وڌيڪ وقت حاصل ڪرڻ جي چال آهي. ٽرمپ جو ناڪا بندي جاري رکڻ بمباري کان مختلف ناهي. ان جو جواب فوجي ڪارروائي سان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته هاڻي ايران لاءِ شروعات ڪرڻ جو وقت آهي. آمريڪي نيوي هرمز کي بلاڪ ڪري رهي آهي.ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ايران ڳالهين ۽ معاهدي جي آجيان ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندو وعدن جي ڀڃڪڙي، ناڪابندي ۽ ڌمڪيون حقيقي ڳالهين ۾ مکيه رڪاوٽون آهن. دنيا آمريڪا جي لامحدود منافقانه بيان بازي ۽ دعوائن ۽ عملن جي وچ ۾ تضاد ڏسي رهي آهي.