| پاڪستان جي سفارتي محاذ تي وڏي ڪاميابي: جنگ ٽري وئي: ايران-آمريڪا جون سڀاڻي اسلام آباد ۾ ڳالهيون: 10 نقاطي ايجنڊا تيار |
اسلام آباد/تهران/واشنگٽن(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي سفارتي محاذ تي وڏي ڪاميابي، ايران ۽ آمريڪا ۾ عارضي جنگبندي ٿي وئي، ايران-آمريڪا جون ڇنڇر تي اسلام آباد ۾ ڳالهيون ٿينديون جنهن لاءِ 10 نقاطي ايجنڊا تيار ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪوششن رنگ لاتو، ايراني تهذيب ختم ڪرڻ جي ڌمڪي کانپوءِ صدر ٽرمپ وزيراعظم شهباز شريف جي ٻن هفتن لاءِ جنگبندي جي تجويز مڃي ورتي، ايران پاران به آبنائي هرمز 2 هفتن لاءِ کولڻ واري پاڪستان جي تجويز سان اتفاق ڪيو. آبنائي هرمز کان ٻه سامونڊي ٻيڙا لنگهي ويا، عارضي جنگبندي ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا ۽ ايران پاڪستان جي ميزباني ۾ ڳالهين لاءِ راضي ٿي ويا آهن ٻنهي ڌرين جا وفد سڀاڻي اسلام آباد پهچندا، جڏهن ته ڳالهين جو عمل ڇنڇر تي شروع ٿيندو. وائيٽ هائوس جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا جو ٽه رڪني وفد ڳالهين لاءِ سڀاڻي اسلام آباد ويندو، وفد جي اڳواڻي نائب صدر جي ڊي وينس ڪندو جڏهن ته اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر وفد ۾ شامل هوندا، هوڏانهن ايراني صدر جي وفد موڪلڻ جي تصديق کانپوءِ ايراني نيشنل سپريم ڪونسل اعلان ڪيو آهي ته پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ اسپيڪر پارليامينٽ باقر قاليباف ڳالهين لاءِ اسلام آباد ويندا، ڳالهين لاءِ شروعاتي طور 10 نقاطي ايجنڊا تيار ڪئي وئي. ايراني نيشنل سپريم ڪونسل موجب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهين جو عمل وڌ کان وڌ 15 ڏينهن تائين جاري رهي سگهي ٿو. بنيادي مقصد حتمي ۽ دير تائين جنگبندي معاهدي کي طئي ڪرڻ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪئي۔ 45 منٽن کان وڌيڪ جاري رهندڙ هن ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ايراني قيادت کي ساراهيو، جن جنگ بندي تي راضپو ظاهر ڪيو، ۽ وزيراعظم پاران ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ هلندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ڳالهين جي ميزباني جي آڇ قبول ڪئي وئي۔ وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي لاءِ به پنهنجو احترام جو اظهار ڪيو۔ صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ عارضي جنگ بندي جي قيام ۾ پاڪستاني قيادت جي ڪوششن کي ساراهيو۔ وزير اعظم چيو ته ايران اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو۔ ٻنهي اڳواڻن گڏيل رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. ٻئي طرف وزيراعظم سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جا ٿورائتا آهيون، ٻنهي ملڪن دانشمنداڻو قدم کنيو، عارضي جنگبندي لبنان سميت خطي جي سمورن ملڪن تي لاڳو ٿي چڪي آهي، ڀڃڪڙي امن عمل کي متاثر ڪندي. شهباز شريف چيو ته چين، سعودي عرب ۽ نار جي ملڪن عارضي جنگندي ڪرائڻ ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، مستقل امن لاءِ وفدن کي سڀاڻي اسلام آباد گهرايو ويو آهي،ڳالهين جي ميزباني ڪرڻ اعزاز سمجهون ٿا