پاڪستان جي فاطمه نسيم سڀ کان وڌيڪ رڪارڊ ٽوڙيندڙ رانديگرياڻي

پاڪستان جي فاطمه نسيم سڀ کان وڌيڪ رڪارڊ ٽوڙيندڙ رانديگرياڻي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي 12 سالن جي فاطمه نسيم ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ گنيز ورلڊ رڪارڊ ٽوڙيندڙ رانديگرياڻي بڻجي وئي آهي. تفصيل موجب گنيز ورلڊ ريڪارڊ ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني جي هڪ شاگردياڻي جي اٺين عالمي رڪارڊ جي منظوري به ڏني آهي ۽ ان کي تصديقي اي ميل جاري ڪندي ورلڊ رڪارڊ جي ويب سائيٽ تي اپڊيٽ ڪيو آهي. گنيز ورلڊ ريڪارڊ جي ڏينهن جي موقعي تي، فاطمه نسيم ٻنهي هٿن ۾ آنا کنياهن ٻنهي هٿن ۾ بيضو کڻي مڪمل ايڪسٽينشن پنچ جو رڪارڊ قائم ڪيو هو، فاطمه نسيم اسٽريچنگ مقابلن ۾ پڻ نمبر ون آهي.