دبئي (پنهنجي ڊيسڪ)دبئي پاڪستاني سياست جو دبئي مرڪز بڻجي ويو، نوازشريف، آصف زرداري ۽ بلاول ديرا ڄمائي ورتا، اهم ملاقاتون ٿيڻ جو امڪان آهي جن ۾ ملڪ جي مستقبل بابت فيصلا ڪيا ويندا
ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ملڪ واپسي جي رستي ۾ ايندڙ رنڊڪن کي هٽائڻ لاءِ ماهرن سان مشورا ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ موجود آهي، جتان دبئي روانگي جو امڪان آهي، مريم نواز اڳ ئي دبئي ۾ موجود آهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته نوازشريف جي ملاقاتن جو پهريون سيشن مڪمل ٿي چڪو آهي، ن ليگ سربراهه جي پاڪستان واپسي جو روڊ ميپ تيار ڪيو پيو وڃي اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ عيد دبئي ۾ ملهائيندو، مختلف سياسي اڳواڻ نواز شريف سان ملاقات ڪندا
متحده عرب امارات پهچندڙ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف کي دبئي حڪومت طرفان خاص پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي. نوازشريف گهر ڀاتين سان گڏ دبئي ۾ پنهنجي ناٺي علي ڊار جي رهائشگاهه ايمريٽس هلز ۾ ترسيل آهي
ن ليگ سربراهه رائل فيملي ۽ واپاري اڳواڻن سان ملاقاتون ڪرڻ کانپوءِ ابو ظهبي ۽ سعودي عرب روانو ٿيندو، نوازشريف سعودي عرب ۾ هڪ هفتي تائين ترسندو. جنهن کان پوءِ هو ٻيهر دبئي ايندو
هوڏانهن آصف زرداري به ڪراچي کان خصوصي اڏام ذريعي پهچي چڪو آهي، ذريعن موجب نواز شريف سان آصف زرداري جي ملاقات جو به امڪان آهي، انهن ملاقاتن ۾ ملڪ جي ايندڙ سياست بابت اهم فيصلن جو امڪان آهي، نواز شريف واپس ڪيئن اچي سگهي ٿو؟ ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم ۽ صدر ڪير ٿيندو؟ اهي مامرا به طئي ٿيڻ جو امڪان آهي