پاڪستان جي معيشت مضبوط، اسٽاڪ مارڪيٽ ثبوت آهي: بلوم برگ

پاڪستان جي معيشت مضبوط، اسٽاڪ مارڪيٽ ثبوت آهي: بلوم برگ

واشنگٽن(م ڊ) عالمي رسالي بلوم برگ چيو آهي ته پاڪستان جي ننڍن سيڙپڪارن ذخيري ۾ 40 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي. 2025ع ۾ 100 انڊيڪس ۾ 40 سيڪڙو اضافو پاڪستان کي ايشيا جي بهترين مارڪيٽ بڻائي ٿو. سالن جي سياسي بي يقيني کان پوء اسٽاڪ مارڪيٽ جو هي اعتماد پاڪستاني معيشيت جي صحيح سمت ۾ اڳتي وڌڻ جو ثبوت آهي. بلوم برگ جو چوڻ آهي ته 2023ع ۾ پاڪستان ڏيوالو نڪرڻ جي  ڪنڌيءَ تي هو پر هاڻي صورتحال ڊرامائي طور تي بهتر ٿي آهي. حڪومتي استحڪام، مضبوط سڌارن ۽ خطري کان پاڪ سيڙپڪاري پاڪستانين کي وڏي تعداد ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ڏانهن راغب ڪيو آهي.