واشنگٽن(پنهنجي ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊون چاهيون ٿا، عبوري وزيراعظم ۽ سندس ٽيم سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني ڏسڻ گهرون ٿا
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته پاڪستان سان دهشتگردي بابت ڳالهيون ۽ مشاورت جاري آهي، علائقائي استحڪام کي پيش آيل خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان ۽ امريڪا جا گڏيل مفاد آهن
سندس چوڻ هو ته دهشتگرد گروپن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا، قانون جي حڪمراني تحت شهرين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي
هن چيو ته پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار جاري رکيو ويندو، آمريڪا پاڪستان ۾ معاشي استحڪام، خوشحالي ۽ سلامتي چاهي ٿو، افغانستان تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه لاءِ پاڪستاني قيادت سان رابطي ۾ آهيون