پاڪستان جي واکاڻ،  لبنان ۾ به جنگبندي جو مطالبو

پاڪستان جي واکاڻ،  لبنان ۾ به جنگبندي جو مطالبو

لنڊن/پئرس(م ڊ) يورپي ملڪن ايران-آمريڪا جنگبنديءَ جي آجيان ڪندي سمورن ڌرين کي جنگبندي تي عملدرآمد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. برطانيا، فرانس، اٽلي، جرمني، ڪئناڊا، ڊئنمارڪ، نيڌرلينڊز، اسپين، يورپي ڪميشن، يورپي ڪائونسل ۽ جاپان جي اڳواڻن گڏيل پڌرنامو جاري ڪري ڇڏيو. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جنگبندي جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان ۽ ٻين ڀائيوارن جا ٿورائتا آهيون، ڳالهين جو مقصد جنگ جو تڪڙو ۽ مستقل خاتمو هئڻ گهرجي جيڪو رڳو سفارتي ذريعن سان ئي ممڪن آهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته بامقصد معاهدي لاءِ ترت اڳڀرائي جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪريون ٿا، هي ايران جي شهرين جي تحفظ لاءِ انتهائي اهم هوندو ۽ خطي ۾ سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو. معاهدو توانائي جي شديد عالمي بحران کي روڪي سگهي ٿو، اسان انهن سفارتي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا ۽ ان مقصد لاءِ آمريڪا ۽ ٻين ڀائيوارن سان رابطي ۾ آهيون. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته لبنان ۾ به جنگبندي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هوڏانهن   فرانسيسي صدر ايران ۽ آمريڪي صدرن سان الڳ الڳ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان دوران هن ايران-آمريڪا جنگبندي فيصلي کي بهترين قرار ڏنو. فرانسيسي صدر جنگبندي تي مڪمل عملدرآمد جي اميد ظاهر ڪئي، گڏوگڏ مستقل امن لاءِ گڏيل ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو.فرانسيسي صدر چيو ته آبناءِ هرمز ۾ رنڊڪن کي ختم ڪرڻو پوندو، فرانس وچ اوڀر ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. فرانسيسي صدر قطر، امارات، لبنان ۽ عراق جي قيادت سان به رابطو ڪيو ۽ لبنان تي اسرائيلي فضائي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. فرانسيسي صدر وزيراعظم شهباز شريف سان به فون تي رابطو ڪيو، جنگبندي، ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ ٽياڪڙي جي ڪوششن تي مبارڪون ڏنيون، فرانسيسي صدر اسلام آباد ۾ امن ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.