اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان هڪ ڀيرو وري ٽياڪڙي شروع ڪري ڇڏي آهي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي تهران پهچي ويو. ذريعن موجب وفاقي گهرو وزير جي ايران جي گهرو وزير آجيان ڪئي جڏهن ته هن پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان به ملاقات ڪئي. ڇڪتاڻ ۽ تازين ناخوشگوار حالتن جي شروعات کانپوءِ محسن نقوي جو تهران جو هي ڇهون دورو آهي. ٻئي طرف بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران امن معاهدي يا ڪنهن ڊيل جي ويجهو پهچي ويا آهن. هڪ انٽرويو ۾ خواجا آصف چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڪنهن نه ڪنهن قسم جي معاهدي يا مفاهمت جا امڪان وڌي ويا آهن. حالتون هڪ ڀيرو ٻيهر امن معاهدي جي حق ۾ سازگار ٿيندي نظر اچي رهيون آهن. جڏهن ته برطانوي سامونڊي سلامتي بابت ڪم ڪندڙ ڪمپني وِنگارڊ چيو آهي ته باب المندب ڀرسان ۽ يمن جي ڏاکڻي سامونڊي پٽيءَ ويجهو هڪ سامونڊي جهاز تي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن. مارجي ويلن ۾ عملي جا 2 ميمبر هڪ پاڪستاني ۽ هڪ انڊونيشي شهري شامل آهن. حملي ۾ 4 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن، جن ۾ 3 پاڪستاني ۽ هڪ انڊونيشي شهري شامل آهي. ڪمپني وڌيڪ چيو ته حملي کانپوءِ جهاز جي مدد لاءِ يمني سامونڊي فوج پهتي، پر ان تي به فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻيو شخص مارجي يا زخمي ٿي پيو.
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ هڪ باخبر آمريڪي عهديدار جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي ڌمڪين سبب گذريل مهيني ترڪي جي دوري کانپوءِ ڳُجهي اڏام ذريعي ڏيهه واپس آيو هو. انقرا ايئرپورٽ تي ٽرمپ ڪيمرائن آڏو ايئر فورس ون ۾ سوار ٿيو هو پر ان کانپوءِ کيس ڳجهي طريقي سان ايئر فورس ون مان ڪيٽرنگ ٽرڪ ذريعي ٻئي جهاز تائين پهچايو ويو ۽ ٽرمپ ترڪي مان ايئر فورس جي سي 32 اي جهاز ذريعي برطانيا پهتو. هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي آمريڪا کان جنگي نقصانن جي معاوضي جي مطالبي جي جواب ۾ چيو آهي ته هاڻي ايران کان آمريڪي سپاهين ۽ ايراني مظاهرين جي موت جي معاوضي جو به مطالبو ڪيو ويندو ايران کي لبنان، شام، يمن ۽ غزه جي ماڻهن کي ٿيندڙ نقصان ۽ جاني نقصان جو ذميوار پڻ قرار ڏيڻ گهرجي.