پاڪستان جي وڏي ڪاميابي: ڀارت کي به ايشيا ڪپ لاءِ هائبرڊ فارمولو قبول

جُون 11, 2023

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي ايشيا ڪپ جي حوالي سان پاڪستان جو هائبرڊ فارمولو ڀارت سميت ايونٽ  ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن ملڪن مڃي ورتو آهي، جنهن کي پاڪستان جي وڏي ڪاميابي ڪوٺيو پيو وڃي.

ميديا رپورٽن موجب ايشيا ڪپ 2023ع جي ميزباني پاڪستان ڪندو ۽ ڪجهه ميچون سريلنڪا ۾ به کيڏيون وينديون پر حتمي اعلان ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل کي ڪرڻو آهي. شيڊيول موجب 4 ميچون پاڪستان جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون جيڪڏهن فائينل ۾ ڀارت پهتو ته اها ميچ به سريلنڪا ۾ کيڏي ويندي.

ياد رهي ته ڀارت ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ پاڪستان ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو جنهن بعد پاڪستان هائبرڊ فارمولو پيش ڪيو هو جنهن بعد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي به واضح ڪري ڇڏيو هو ته ورلڊ ڪپ ۾ اسان جا رانديگر ڀارت ۾ کيڏي نه سگهندا ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ اتي سڪيورٽي خدشا آهن.

ذريعن موجب هلندڙ هفتي ايشيا ڪپ جي ميچن جي شيڊيول پڌرو ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ ميچون پهرين سيپٽمر کان 17 سيپٽمبر تائين رکيون وينديون

ٻڌايو پيو وڃي ته جيڪڏهن پاڪستان ايونٽ ۾ شرڪت نه ڪري ها ته براڊ ڪاسٽرز پنهنجا معاهدا واپس وٺن ها جنهن سان مالي طور تي اي سي سي ۽ ٻين کي نقصان پهچي ها.

Leave A Comment