پاڪستان جي ٽياڪڙي؟ عاصم منير جو ٽرمپ ۽ شهباز جو پزشڪيان سان رابطو: آمريڪا- ايران ڳالهيون اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان

پاڪستان جي ٽياڪڙي؟ عاصم منير جو ٽرمپ ۽ شهباز جو پزشڪيان سان رابطو: آمريڪا- ايران ڳالهيون اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان

لنڊن/تل ابيب/اسلام آباد (م ڊ) برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان جنگبندي ڪرائڻ لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ فليڊ مارشل عاصم منير آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان پڻ رابطو ڪيو آهي. تفصيل موجب برطانيا جي اخبار فنانشل ٽائيمز دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران سان جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان مرڪزي ٽياڪڙ وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، فيلڊ مارشل عاصم منير آچر تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ بابت به ڳالهايو ويو.  اخبار  موجب پاڪستان پنهنجي فوجي قيادت ذريعي ايران ۽ ٽرمپ سان لاڳاپن کي استعمال ڪندي ايراني عهديدارن ۽ آمريڪي وزيرن اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرالڊ ڪشنر وچ ۾ بيڪ چينلز رابطا ڪرائي رهيو آهي. ٻنهي ڌرين وچ ۾ بيڪ ڊور رابطن بعد پاڪستان ڳالهين لاءِ  ميزباني ڪرڻ جي به آڇ ڪئي آهي، اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جو ايراني صدرمسعود پزشڪيان سان رابطو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي جڏهن صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي جاري ڪيل مثبت بيان ۾ اهو اعلان ڪيو ته ايران جي توانائي وارن هنڌن تي حملا 5 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف  اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته هن هفتي جي آخر ۾ اسلام آباد ۾ اعليٰ آمريڪي ۽ ايراني عملدارن جي وچ ۾ ملاقات ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ جنگبندي بابت ڳالهيون ڪيون وينديون. اسرائيلي ميڊيا موجب ذريعن چيو آهي ته ڳالهيون اهڙي مرحلي تي پهچي رهيون آهن جتي هن هفتي پاڪستاني شهر اسلام آباد ۾ اعليٰ آمريڪي ۽ ايراني عملدارن جي وچ ۾ هڪ ممڪن ملاقات ٿي سگهي ٿي. آمريڪي ميڊيا سان لاڳاپيل هڪ صحافي ايڪس پوسٽ ۾ اسرائيلي عملدارن جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهيون هن هفتي جي آخر ۾ پاڪستاني راڄڌاني اسلام آباد ۾ ٿي سگهن ٿيون، جنهن ۾ ايراني پارليامينٽ جو اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ ٻيا ايراني عهديدار ايران جي طرفان شرڪت ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته اسٽيو وِٽڪوف، جيرڊ ڪشنر ۽ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس آمريڪي طرفان شرڪت ڪري سگهن ٿا. صحافي ايڪس پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي ته ترڪي، پاڪستاني ۽ مصري عهديدار آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تڪرار گهٽائڻ لاءِ پيغام پهچائي رهيا آهن. آمريڪي صحافي جي مطابق مصر ۽ پاڪستان جي اعليٰ عملدارن اسٽيو وٽڪوف ۽ عباس عراقچي سان الڳ الڳ ڳالهيون ڪيون آهن ٽياڪڙي جاري آهي ۽ پيش رفت ٿي رهي آهي، ڳالهيون جنگ ختم ڪرڻ ۽ سڀني حل نه ٿيندڙ مسئلن بابت آهناميد آهي ته جواب جلد ملندا. هڪ ٻئي بيان ۾، ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته تازن ڏينهن ۾ دوست ملڪن کان پيغام آيا آهن، پيغامن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي درخواست ڪري رهيو آهي ايران اڃا تائين ان جو جواب نه ڏنو آهي. ٻئي طرف جيو نيوز جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزارت جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي پرڏيهي ترجمان سان رابطو ڪرڻ تي هن رابطن جي تصديق ڪرڻ يا ترديد ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته في الحال ان باري ۾ ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي.