| پاڪستان جي پهرين عورت ايم ايم اي فائٽر انيتا ڪريم ٽائٽل کٽي ورتو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ پهرين پيشيور عورت ايم ايم اي فائٽر انيتا ڪريم اهم ڪاميابي ماڻي ورتي. پيشيور ايم ايم اي ليگ انفينيٽ چيمپئن شپ اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي وئي. عورتن جي 52 ڪلوگرام ٽائيٽل فائٽ ۾، انيتا ڪريم پهرين رائونڊ ۾ ايران جي پريسا شمش آباديءَ کي ناڪ آئوٽ ڪيو. انيتا ڪريم، جيڪا هنزه سان تعلق رکي ٿي، پاڪستان جي پهرين پيشيور ايم ايم اي فائٽر آهي جنهن بين الاقوامي مقابلن ۾ متاثر ڪندڙ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. انيتا ڪريم پهريون ڀيرو پنهنجي سرزمين تي پيشيور ايم ايم اي ٽائيٽل فائٽ کٽيو.