پاڪستان جي پيرسن دنيا جو منفرد رڪارڊ جوڙي ورتو

پاڪستان جي پيرسن دنيا جو منفرد رڪارڊ جوڙي ورتو

لاهور (انٽريسٽنگ نيوز) پاڪستان جي شهري 74 سالن جي ڄمار ۾ هڪ ٻيو رڪارڊ جوڙي ورتو. جنهن سان هن جي گنيز ورلڊ رڪارڊ جي هيٽ ٽرڪ به ٿي وئي آهي. 74 سالن جي نسيم الدين هٿ ۾ بيضو پڪڙي 38 ماربل سرون ٽوڙيون ان کان اڳ اهو رڪارڊ 30 ماربل سرون ٽوڙڻ جو هو. نسيم الدين جو اهو رڪارڊ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز جي آفيشل ويب سائٽ تي به اپڊيٽ ڪيو ويو آهي.