پاڪستان جي ڊڪشنري ۾ سرينڊر ڪرڻ شامل ناهي: بلاول

جُولاءِ 2, 2025

اسلام آباد ( پنهنجي ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري چيوآهي ته   پاڪستان جي ڊڪشنري ۾ سرينڊر ڪرڻ شامل ناهي، دهشتگردي عالمي مسئلو آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏو جاني ۽مالي نقصان برداشت ڪيو، اسلام آباد ۾  تقريب کي خطاب پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته   پاڪستان دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروايون ڪري رهيوآهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل سال دهشتگردي خلاف جنگ پاڪستاني فورسز جا 600 کان وڌيڪاهلڪار شهيد ٿيا، پ پ چيئرمين چيو ته طالبان حڪومت اچڻ بعد افغان سرزمين پاڪستان ۾ ٿيندڙ حملن ۾ 40 سيڪڙاضافو ٿيو آهي هن چيو ته عبوري افغان حڪومت جنهن طرز عمل جو مظاهرو ڪيو آهي ته اهو دوحامعاهدي جي خلاف آهي، سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي 65 سيڪڙو آبادي جي عمر30سال کان گهٽ آهي، پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته نوجوانن کي فائر وال بدران تيز رفتار انٽرنيٽ ڏيڻ جي ضرورت آهي پ پ چيئرمين  بلاول ڀٽوزرداري وڌيڪ چيو ت ڀارتي قيادت اسان سان گڏ ويهي ڳالهيون ڪري ۽ ڪشمير مسئلو حل ڪري

لاڳاپيل پوسٽون

  • آمريڪي جي پرڏيهي ترجمان جو عمران بابت سوال جو سرڪاري طور تي جواب ڏيڻ کان انڪار

  • سنڌ حڪومت جي سخاوت، پنجاب بعد مالا ڪنڊ ۾ هنري سکيا لاءِ هڪ ارب رپين جي منظوري

  • وفاقي وزارتن ۾ مالي بي ضابطگيون، 1100 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان

  • ڪراچي:5 ماڙ عمارت ۾ دٻجي ويلن جو انگ 27: فوتين لاءِ 10-10 لک رپين جو اعلان