پاڪستان جي ڏيوالو ٿيڻ جو خطرو ختم ٿي ويو آهي: بلوم برگ
فيبروري 5, 2024
واشنگٽن (پنهنجي ڊيسڪ) آمريڪي رسالي بلوم برگ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان جي ڏيوالو ٿيڻ جو خطرو ٽري ويو آهي، پاڪستان جو آءِ ايم ايف پروگرام مارچ ۾ ختم ٿي رهيو آهي
جنوري ۾ ڊالر بانڊز 9 سيڪڙو واپس آيا، سيڙپڪار آءِ ايم ايف کان فنڊنگ جي معاهدي لاءِ نئين ليڊر جو انتظار ڪري رهيا آهن
بلوم برگ موجب گذريل سال پاڪستان سِيڙپڪارن کي تقريباً 100 سيڪڙو منافعو واپس ڪيو، بهتر ڪارڪردگي پاڪستان کي فائدو پهچائي سگھي ٿي
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اليڪشن کان پوءِ نئين حڪومت آءِ ايم ايف سان جاري معاهدو ختم ٿيڻ کان پوءِ نئون معاهدو ڪري سگھي ٿي
ايندڙ مالي سال ۾ پاڪستان 25 ملين ڊالر پرڏيهي قرصن جي ادائيگي ڪندو، اهو پاڪستان جي غير ملڪي ناڻي ذيرن کان لڳ ڀڳ ٽيڻ تي وڌيڪ آهي