پاڪستان دنيا جي تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل چاهي ٿو: عاصم افتخار
جُولاءِ 2, 2025
جنيوا (پنهنجي ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو آهي ته پاڪستان ڳالهين ذريعي دنيا ۾ هلندڙ تڪرارن جي حل جي حمايت ڪري ٿو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ عاصم افتخار چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي مطابق تڪرارن جو پرامن حل چاهي ٿو ۽ ڳالهين ذريعي دنيا ۾ تڪرارن جي حل جي حمايت ڪري ٿو.
هن چيو ته پاڪستان سفارتڪاري ۽ ثالثي ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو ۽ ڳالهين جي فروغ جي حمايت ڪري ٿو.
عاصم افتخار وڌيڪ چيو ته پاڪستان دنيا ۾ تيزي سان بدلجندڙ صورتحال تي نظر رکي رهيو آهي ۽ غزه جي صورتحال کي پرامن بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته پاڪستان ڪالهه گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀالي ورتي آهي.
ان حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته هي غير مستقل ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان جو اٺون مدو آهي ۽ هن مهيني پاڪستان ٻن اعليٰ سطحي اجلاسن جي صدارت ڪندو.